پاڻي تي ڌاڙي،زمينن ۽ معدني وسيلن تي قبضن خلاف ڪراچي ۾ ايس يو پي جي ريلي

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي پاران سنڌ جي زمينن تي والار، سنڌوءَ درياھ جي پاڻي ۽ معدني وسيلن تي قبضي خلاف مرڪزي اڳواڻ روشن علي ٻرڙي جي قيادت ۾ ڦوھارا چوڪ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي ڌرڻو ھنيو ويو، ريلي ۾ پارٽي جي ڪارڪنن، وڪيلن، شھرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، انھي موقعي تي ڌرڻي کي خطاب ڪندي روشن علي ٻرڙي چيو ته پيپلزپارٽي سنڌ جون لکين ايڪڙ زمينون عسڪريادارن کي وڪڻي ڏئي ڇڏيون آھن، پيپلزپارٽي کي ڪو حق ناھي ته سنڌ جي وسيلن جو سودو ڪري، پيپلزپارٽي 17 سالن ۾ رڳو سنڌ جا وسيلا، نوڪريون وڪرو ڪيون آھن، ھن چيو ته وفاقي حڪومت ۽ پنجاب حڪومت ڪئنالن وارو منصوبو ختم ڪرڻ جي موڊ ۾ ناھي، تازو بجيٽ ۾ پيسا رکيا آھن، سنڌ ۾ ھلندڙ وڏي تحريڪ کي مورو جھڙو تشدد وارو واقعو ڪرائي وڏي تحريڪ کي ڪچلي ڇڏيو، ڪياماڙي ۾ 6 ھزار ايڪڙ زمين ڊي ايڇ اي جي حوالي ڪري ماڻھن کي لڏائي قبرستانن کي مسمار ڪيو ويو آھي، اسان ملڪي ۽ صوبائي سرڪار کي ٻڌائڻ چاھيون ٿا ته سنڌ دشمن منصوبا رد ڪيا وڃن، نه ته ھي تحريڪ جاري رھندي، جگديش آھوجا چيو ته سنڌ جي ماڻھن جي جدوجھد سبب پنجاب حڪومت چولستان ۽ چوبارا ڪئنالن جو ڪم روڪرايو آھي، سنڌ جا مسلسل 9 مھينا روڊن تي ھئا اھو انھي جي بدولت آھي، امير آزاد پنھور چيو ته سنڌوءَ درياھ مٿان ڪئنال اڏڻ وارو منصوبو اڃا ختم ناھي ٿيو، پنجاب حڪومت تازو بجيٽ ۾ ڪئنالن لاءِ پيسا رکيا آھن، اسان ٻڌايون ٿا ته ڪنھن به صورت ۾ سنڌ دشمن منصوبا قبول نه ڪنداسين، ھن چيو ته بلاول ڀٽو جنھن ڪارپوريٽ فارمينگ کي پبلڪ پارٽنرشپ جو نالو ڏئي عوام کي بيوقوف بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي پر سنڌ جو عوام ھاڻ جاڳي چڪو آھي، وڪيل عاقب راڄپر چيو ته ھاڪس وي تي 6 ھزار ايڪڙ زمين ڊي ايڇ اي کي ڏني آھي، عمرڪوٽ جي ھڪ لک 90 ھزار ايڪڙ زمين خانگي ڪمپنين حوالي ڪئي وئي آھي، وقار چولياڻي چيو ته پيپلزپارٽي گذريل 17 سالن کان سنڌ کي کوکلو بڻائي ڇڏيو آھي، نويد امين خواجه چيو ته پيپلزپارٽي سنڌ جي ماڻھن کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ ۾ رڌل آھي، اسان لاءِ اول سنڌ آخر سنڌ آھي، سنڌ جي پاڻي، ناڻي تي قبضو ڪرڻ نه ڏينداسين، جماعت اسلامي ڪراچي جي اڳواڻ عابد حسين چيو ته اسان سنڌ جا رھواسي آھيون پاڻي زمينن جو مسئلو اسان جو پنھنجو مسئلو آھي، انھي موقعي تي جڳديش آهوجا، امير آزاد پنهور، غلام مصطفيٰ، ماوري چانڊيو, منير مگسي ، مخدوم شمس ، ليڊيز ونگ اڳواڻ ڪامريڊ ماروي ۽ ٻين خطاب ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.