ايران جو ايٽمي پروگرام تباهه ڪيو ويو آهي: آمريڪا

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪا جي بچاءَ واري وزير چيو آهي ته اسان ايران جو ايٽمي پروگرام تباهه ڪري ڇڏيو آهي، جيڪڏهن ايران طرفان ڪو جواب ڏنو ويو ته اُن کان به وڌيڪ سخت ڪارروائي ڪنداسين، خطي ۾ آمريڪي مفادن جو تحفظ ڪيو ويندو.
آمريڪا جي بچاءَ واري وزير پيٽ هيگسيٿ چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف جنرل ڊين ڪين سان گڏ بريفنگ ڏيندي چيو ته اسان ايران جو ايٽمي پروگرام تباهه ڪري ڇڏيو آهي، جيڪڏهن ايران جواب ڏنو ته گذريل رات کان به وڌيڪ سخت ڪارروائي ٿيندي.
هن چيو ته اسان ڪيترائي ڀيرا خبردار ڪيو هو ته ايران کي ايٽمي هٿيار حاصل ڪرڻ نه ڏنا ويندا، جيڪڏهن ايران حملو ڪيو ته مڪمل طاقت سان جواب ڏنو ويندو.
پيٽ هيگسيٿ واضح ڪيو ته هن ڪارروائي جو مقصد ايران ۾ حڪومت جي تبديلي نه هو پر فردو وارو ٿاڪ بنيادي هدف هو ۽ اسان پنهنجا گهربل نتيجا حاصل ڪري ورتا آهن.
جنرل ڊين ڪين تفصيل ڏيندي ٻڌايو ته گذريل رات صدر جي حڪم تي ”آپريشن مڊنائيٽ هيمر“ شروع ڪيو ويو، جنهن دوران ايران جا ٽي ايٽمي ٿاڪ نشانو بڻايو بڻايا ويا، ايران جو دفاعي نظام آمريڪي جهازن کي ڏسي نه سگهيو.
هن چيو ته آپريشن ۾ 145 آمريڪي جهازن سان گڏ آبدوزن به حصو ورتو ۽ ايران تي حملي ۾ 7 بي ٽو بمبار جهاز به شامل هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.