استنبول (ويب ڊيسڪ) ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي چيو آهي ته آمريڪا ايران جي ايٽمي ٿاڪن تي حملو ڪري ريڊ لائن اورانگهي ورتي آهي، اسان کي جواب ڏيڻ جو حق حاصل آهي ۽ ضرور جواب ڏنو ويندو، اسان جي جواب جو انتظار ڪيو.
استنبول ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ايراني پرڏيهي وزير چيو ته آمريڪا پنهنجي جارحيت جي نتيجن جو ذميوار آهي، گڏيل قومن جي قانونن مطابق ايران کي جوابي ڪارروائي جو مڪمل حق حاصل آهي، تهران پنهنجي سلامتي، مفادن ۽ عوام جي تحفظ لاءِ سمورا اختيار محفوظ رکي ٿو ۽ ايراني هٿياربند فوج مڪمل الرٽ آهي.
عباس عراقچي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جو تڪڙو اجلاس گهرائڻ جو مطالبو ڪندي چيو ته آمريڪا پاڻ سلامتي ڪائونسل جو مستقل رڪن آهي ۽ هن ئي عالمي امن کي نقصان پهچايو، دنيا کي نه وسارڻ گهرجي ته آمريڪا اهو ملڪ آهي، جنهن امن ڳالهين دوران حملو ڪري سفارتڪاري جو قتل ڪيو، سفارتڪاري جا دروازا هميشه کليل هجڻ گهرجن پر هي وقت اهڙو ناهي ۽ ايران کان سفارتڪاري ڏانهن واپسي جو مطالبو ڪرڻ بي معنيٰ آهي.
هن چيو ته آمريڪي صدر نه رڳو ايران کي دوکو ڏنو پر پنهنجي قوم سان به دوکو ڪيو، ٽرمپ اهو واعدو ڪري چونڊون کٽيون هيون ته هو وچ اوڀر سميت دنيا جي ٻين علائقن ۾ جنگين ۾ شامل نه ٿيندو پر هاڻي ايران جي ايٽمي ٿاڪن تي حملو ڪري عالمي قانونن جي ناقابل معافي ڀڃڪڙي ڪئي آهي، اهو سمجهڻ ڏکيو آهي ته اسان تي ڪوڙن الزامن جي بنياد تي ڇو حملو ڪيو ويو، عالمي برادري کي آمريڪا جي انهن حملن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪرڻ گهرجي.
سندس چوڻ هو ته روس ايران جو دوست آهي ۽ هو اڄ ئي صدر پيوٽن سان ملاقات لاءِ روس وڃي رهيو آهي، جتي سنجيده مشاورت ٿيندي، ايران چين سان گڏجي سلامتي ڪائونسل ۾ جنگ بندي جي هڪ قرارداد پيش ڪرڻ جي تياري ڪري رهيو هو پر هاڻي حالتون تبديل ٿي چڪيون آهن ۽ هاڻي ڏسڻو پوندو ته اڳتي ڪيئن وڌجي.
آمريڪا ريڊ لائن اورانگهي آهي، اسان جي جواب جو انتظار ڪري: ايراني پرڏيهي وزير
You might also like