آمريڪي حملي کانپوءِ ايران جو اسرائيل تي وڏو وار، 86 زخمي، عمارتون تباهه

تل ابيب (ويب ڊيسڪ) ايران آمريڪي حملن کانپوءِ اسرائيل تي ميزائلن ۽ ڊرونز سان حملو ڪيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ 86 اسرائيلي زخمي ٿي پيا.
پرڏيهي ميڊيا موجب تل ابيب سميت سڄي اسرائيل ۾ سائرن وڄايا ويا ۽ فضائي دفاعي نظام کي فعال ڪيو ويو.
پرڏيهي ميڊيا جو چوڻ آهي ته اسرائيل شهر حيفا ۽ تل ابيب ۾ ڌماڪن جا آواز ٻڌا ويا.
اسرائيلي ميڊيا موجب ايراني حملن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 86 اسرائيلي زخمي ٿيا، تل ابيب ۾ ٻه عمارتون مڪمل طور تباهه ٿي ويون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.