ايران تي مڙهيل جنگ ۾ آمريڪا به ڪاهي پيو، ٽن ايٽمي ٿاڪن تي وڏا حملا، تهران نه مڙيو ته ٻيهر حملو ڪنداسين: ٽرمپ

تهران + واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪا پنهنجي جديد ترين B-2 بمبار جهازن سان ايران جي ٽن ايٽمي ٿاڪن فردو، نطنز ۽ اصفهان کي نشانو بڻايو آهي ۽ آمريڪي صدر اعلان ڪيو آهي ته حملي ۾ فردو وارو ايٽمي پلانٽ مڪمل طور تباهه ڪيو ويو آهي.
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته آمريڪي جهازن ايران جي ٽن ايٽمي ٿاڪن تي حملو ڪيو، جن ۾ فردو، نطنز ۽ اصفهان ۾ موجود نيوڪليئر ٿاڪ شامل آهن.
پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽ تي حملي بابت تفصيل شيئر ڪندي هن چيو ته ايران جي ٽن ايٽمي ٿاڪن تي ڪامياب حملو مڪمل ڪيو ويو آهي، آمريڪي فضائيا ايران جي ٽن اهم ايٽمي مرڪزن تي ڪامياب حملا ڪيا۽ فردو واري ايٽمي پلانٽ کي مڪمل طور تباهه ڪيو ويو آهي.
سندس چوڻ هو ته فردو جي ايٽمي مرڪز تي بمن جو مڪمل پي لوڊ ڪيرايو ويو، جنهن سان ان اهم جوهري سائيٽ کي سخت نقصان پهتو آهي.
آمريڪي صدر ان ڪارروائي کي دنيا جي سڀ کان پيشيوراڻي ۽ ڪامياب فضائي حملن مان هڪ قرار ڏنو آهي ۽ چيو ته دنيا جي ڪنهن به ٻي فوج وٽ اهڙي آپريشن جي صلاحيت ناهي.
هن پنهنجي پيغام ۾ چيو ته اها هڪ شاندار ڪاميابي آهي، جنهن جو سهرو اسان جي بهادر آمريڪي فوجين ڏانهن وڃي ٿو، هاڻ وقت آهي ته اسان امن ڏانهن قدم وڌايون.
ڊونلڊ ٽرمپ خبردار ڪندي چيو ته جيڪڏهن ايران نه مڙيو ته ٻيهر حملو ڪنداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.