اسرائيلي حملن ۾ هيل تائين 430 ايراني شهيد، 3500 زخمي، رپورٽ جاري

تهران (ويب ڊيسڪ) ايران جي نجي نيوز ايجنسي ”نور“صحت واري وزارت جي حوالي سان رپورٽ ڪيو آهي ته 13 جون کان جاري ايران-اسرائيل تڪرار ۾ هينئر تائين گهٽ ۾ گهٽ 430 ماڻهو شهيد ٿي چڪا آهن، جڏهن ته 3500 کان وڌيڪ زخمي آهن.
ياد رهي ته هي ايران طرفان جاني نقصان بابت ڪيترن ئي ڏينهن کانپوءِ پهريون سرڪاري بيان آهي.
ان کان اڳ آچر ڏينهن ايران جي صحت واري وزارت ڄاڻايو هو ته اسرائيلي حملن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 224 ماڻهو شهيد ٿي ويا آهن.
ٻئي پاسي انساني حقن تنظيم ”هيومن رائٽس ايڪٽوسٽس نيوز ايجنسي“جمعي ڏينهن غير سرڪاري طور ٻڌايو هو ته ايران ۾ فوتگين جو انگ 657 تائين پهچي چڪو آهي.
هوڏانهن اسرائيل جو چوڻ آهي ته ان سان تڪرار کان وٺي هيل تائين 25 ماڻهو مارجي چڪا آهن، جن مان هڪ دل جو دورو پوڻ سبب حياتي وڃائي ويٺو، جڏهن ته 2517 ڄڻا زخمي آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.