ايران جي ائٽمي پروگرام بابت ڊائريڪٽر نيشنل انٽيليجنس جي راءِ ” غلط “ آهي: ٽرمپ

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته سندس ڊائريڪٽر آف نيشنل انٽيليجنس تلسي گببارڊ ايران جي ايٽمي هٿيارن بابت پنهنجي راءِ ۾ ”غلط“ آهي.
ايئرفورس ون ڀرسان ميڊيا سان ڳالهائيندي جڏهن ٽرمپ کان پڇيو ويو ته ايران جي ايٽمي هٿيارن بابت اهڙي ڪهڙي ڄاڻ آهي جنهن جي بنياد تي هو سمجهي ٿو ته ايران ايٽمي هٿيار ٺاهي رهيو آهي، جڏهن ته آمريڪي انٽيليجنس ادارا اهڙي قسم جي دعوائن کي رد ڪري چڪا آهن؟
جنهن جي جواب ۾ ٽرمپ طنزيه انداز ۾ چيو ته ” ته پوءِ منهنجا انٽيليجنس ادارا غلط آهن؟ اهو ڪنهن چيو آهي“
اتي موجود هڪ صحافي کيس ٻڌايو ته ” توهان جي انٽيليجنس چيف تلسي گببارڊ “ جنهن تي ٽرمپ فوري جواب ڏيندي چيو ته هوءَ ” غلط “ آهي.
واضح رهي ته مارچ ۾ تلسي گببارڊ آمريڪي ڪانگريس کي ٻڌايو هو ته انٽيليجنس ايجنسيون ان نتيجي تي پهتيون آهن ته ته ايران اُهو ايٽمي هٿيارن وارو پروگرام جيڪو 2003ع ۾ معطل ڪيو ويو هو ٻيهر شروع ناهي ڪيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.