پاڪستان فرانس کي هارائي نيشنز ڪپ جي فائنل ۾ پهچي ويو

ڪوالالمپور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ايف آءِ ايڇ نيشنز ڪپ جي سيمي فائنل ۾ فرانس کي پنالٽي شوٽ آئوٽ ۾ شڪست ڏئي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو.
ملائيشيا ۾ جاري ٽورنامينٽ جي پهرئين سيمي فائنل ۾ مقرر وقت تائين پاڪستان ۽ فرانس جي وچ ۾ مقابلو 3-3 گولن تان برابر رهيو.
فرانس جي شروعاتي ٻن گولن جي سرسي باوجود پاڪستان شاندار واپسي ڪئي ۽ ٽئين ڪوارٽر ۾ لڳاتار 3 گول ڪري مقابلو برابر ڪيو.
مقرر وقت تائين ميچ برابر رهڻ سبب فيصلو پنالٽي شوٽ آئوٽ تي ٿيو، جتي پاڪستان 2-3 جي اسڪور سان فرانس کي شڪست ڏني.
پنالٽي شوٽ آئوٽ دوران پاڪستان 3 گول جڏهن ته فرانس 2 گول اسڪور ڪري سگهيو، اهڙي ريت پاڪستان نيشنز ڪپ جي فائنل ۾ پهچي ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.