ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستان ڇڪتاڻ نٿو چاهي، نه ئي ڀارت سان مڪالمي لاءِ بي چين آهي.
بلاول ڀٽو زرداري ايڪس تي لکيو ته فيلڊ مارشل عاصم منير ۽ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي مانجهاندي تي ملاقات پاڪستان ۽ آمريڪا جي لاڳاپن ۾ هاڪاري اڳڀرائي آهي، اها ملاقات اهڙي وقت ۾ ٿي رهي آهي، جڏهن ٽرمپ جنگبدي ۾ ٽياڪڙي ڪئي.
هن چيو ته تازي جنگ ۾ پاڪستان ڀارت خلاف فيصلائتي ڪاميابي ماڻي، ڀارت بدقسمتي سان مستقل امن جي ڪوششن، آمريڪي سفارتڪاري کي رد ڪيو.
سندس چوڻ هو پاڪستان نه ته ڇڪتاڻ چاهي ٿو ۽ نه ڀارت سان ڳالهين لاءِ بي چين آهي، اسان تسليم ڪيون ٿا ته امن ٻنهي ملڪن جي مفاد ۾ آهي.
You might also like