ايران – اسرائيل جنگ: روس آمريڪا کي خبردار ڪري ڇڏيو

ماسڪو (ويب ڊيسڪ) ايران ۽ اسرائيل جنگ جي حوالي سان روس آمريڪا کي خبردار ڪري ڇڏيو.
روسي پرڏيهي وزارت طرفان چيو ويو آهي ته آمريڪا اسرائيل کي سڌي ريت فوجي امداد ڏيڻ ۽ ان بابت سوچڻ کان به خبردار رهي.
روسي پرڏيهي وزارت چيو ته آمريڪي فوجي امداد وچ اوڀر جي صورتحال کي وڌيڪ غير مستحڪم ڪري سگهي ٿي، اسان ايران ۽ اسرائيل ٻنهي سان رابطي ۾ آهيون.
ان کان اڳ اها ڳالهه سامهون آئي هئي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران تي اسرائيلي حملن ۾ آمريڪا جي شامل ٿيڻ جو اشارو ڏنو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.