تهران (ويب ڊيسڪ) ايران جي سپريم ليڊر آيت الله علي خامنه اي آمريڪي صدر طرفان سرينڊر ڪرڻ جي بيان کي رد ڪندي خبردار ڪيو آهي ته ايران ڪڏهن سرينڊر نه ڪندو، نه ئي صيهوني رياست تي رحم ڪيو ويندو، جڏهن ته آمريڪا جي ڪنهن به فوجي ڪارروائي جا سنگين ۽ ازالي نه ٿيڻ جوڳا نتيجا هوندا.
اربع ڏينهن سرڪاري ٽي وي تي قوم کي خطاب ڪندي آيت الله علي خامنه اي چيو ته اسان جو ملڪ ٽرمپ جي غير مشروط طور هٿيار ڦٽا ڪرڻ جي اپيل کي قبول نه ڪندو، سياڻا ماڻهو جيڪي ايران، ايراني قوم ۽ ان جي تاريخ کي ڄاڻين ٿا، اهي هن قوم سان ڪڏهن ڌمڪي واري لهجي ۾ نه ڳالهائيندا.
هن اسرائيل خلاف حملا تيز ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته اسرائيل ايران تي حملو ڪري سنگين غلطي ڪئي آهي، جنهن جي ان کي سزا ملندي، ايراني عوام پنهنجي شهيدن جي رت ۽ پنهنجي سرزمين تي ٿيندڙ حملي کي ڪڏهن نه وساريندو.
ايران ڪڏهن هٿيار ڦٽا نه ڪندو، نه ئي صيهوني رياست تي رحم ڪيو ويندو: خامنه اي
You might also like