تهران(عوامي آواز نيوز)الجزيره جي رپورٽ موجب، ماهر حيران ۽ پريشان آهن ته اسرائيل جو هڪ ڳجهو، پر انتهائي اهم تحقيقاتي ادارو "وائزمين انسٽيٽيوٽ” ـ جيڪو گوگل ميپ تي به لڪايل رهيو آهي ،ايراني ميزائلن جو سڌو نشانو ڪيئن بڻجي ويو؟هي ادارو تل ابيب ۾ موجود آهي ۽ زير نظر تصوير ۾ ايراني حملي کانپوءِ ان جي عمارت جو منظر ڏسي سگهجي ٿو.وائز انسٽيٽيوٽ اسرائيل ۾ حياتيات، ڪيميا ۽ طبيعيات جي ميدان ۾ هڪ وڏو تحقيقي مرڪز آهي. ان جي خاص اهميت ان ڪري به آهي جو هتي جديد دفاعي ٽيڪنالاجي، جيئن ته مصنوعي ذهانت (AI) ۽ ڊرونز تي ڪم ڪيو ويندو هو. ماهرن موجب، هي ادارو اسرائيلي حڪمتِ عملي جو اهم حصو هو، جيڪو هاڻي تباهه ٿي، رڳو تاريخ جو ورق بڻجي ويو آهي.