سکر: هٿياربندن گهر ۾ گهڙي عورت کي قتل ڪري ڇڏيو

سکر (ويب ڊيسڪ) سکر ۾ آباد ٿاڻي جي حد بشير آباد واري علائقي ۾ هٿياربندن گهر ۾ گهڙي عورت کي قتل ڪري ڇڏيو.
وارثن موجب اڻڄاتل جوابدارن گهر ۾ گهڙي 26 ورهين جي ڪلثوم زال عبدالستار مستوئي کي فائرنگ ڪري قتل ڪيو.
اطلاع تي پوليس پهچي مقتولا جو لاش اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو ۽ واقعي جي حوالي سان جاچ شروع ڪري ڇڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.