آمريڪا، برطانيا، فرانس يا ٻئي ڪنهن اسرائيل جي مدد ڪئي ته انهن جي اڏن کي نشانو بڻائينداسين: ايران

تهران (ويب ڊيسڪ) ايران خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن آمريڪا، برطانيا ۽ فرانس اسرائيل کي تهران جا جوابي حملا روڪڻ ۾ مدد فراهم ڪندا رهيا ته خطي ۾ موجود انهن ملڪن جي فوجي اڏن ۽ بحري جهازن کي نشانو بڻائينداسين.
ايران جي سرڪاري ميڊيا طرفان چيو ويو آهي ته اسرائيل جي سڀني اتحادين ۽ ايران طرفان اسرائيل تي حملي دوران ميزائل ڪيرائڻ ۾ ان جي مدد ڪندڙن جا وچ اوڀر ۾ قائم اڏا محفوظ نه رهندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.