ايران جي هڪ ٻيو اسرائيلي ايف 35 جهاز ڪيرائڻ ۽ پائلٽ جي گرفتاري جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) ايراني فوج هڪ ٻيو اسرائيلي ايف 35 جهاز ڪيرائڻ ۽ پائلٽ جي گرفتاري جي دعويٰ ڪئي آهي.
ايراني ميڊيا موجب فوج جي فضائي دفاعي يونٽ جديد اسرائيلي ايف 35 جنگي جهاز کي ملڪ جي اولهه فضائي حدن ۾ ڪيرايو.
رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته جهاز جو پائلٽ جهاز ڪرڻ کان اڳ نڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو پر ايراني ڪمانڊوز کيس گرفتار ڪري ورتو.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته وڌيڪ تفصيل پوءِ جاري ڪيا ويندا.
واضح رهي ته ان کان اڳ به ايراني ميڊيا ٻه اسرائيلي ايف 35 جهاز ڪيرائڻ ۽ هڪ عورت پائلٽ جي گرفتاري جي دعويٰ ڪئي هئي پر اسرائيلي فوج اهڙي دعويٰ جي ترديد ڪئي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.