لارڊز (ويب ڊيسڪ) آءِ سي سي ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ جي فائنل جي ٽئين ڏينهن آسٽريلوي ٽيم پنهنجي ٻي اننگز ۾ 207 رنسن تي آل آئوٽ ٿي وئي، جنهن کانپوءِ ڏکڻ آفريڪا جي بيٽنگ جاري آهي.
لندن جي تاريخي لارڊز ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ جاري ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ جي فائنل ۾ ڪينگروز ٽيم کي مجموعي 281 رنسن جي سرسي حاصل ڪئي، جڏهن ته ڏکڻ آفريڪا کٽڻ لاءِ 282 رنسون گهربل آهن.
ٽيون ڏينهن
ٽئين ڏينهن آسٽريليا پنهنجي اننگز جي شروعات 144 رنسون ۽ اٺ رانديگر آئوٽ کان ڪئي، پهرين سيشن جي شروعات ۾ ئي نيٿن ليون رڳو 2 رنسون ٺاهڻ کانپوءِ آئوٽ ٿيو.
جوش هيزل ووڊ 17 رنسون ٺاهيون، جڏهن ته مچل اسٽارڪ 58 رنسن جي مزاحمتي اننگز کيڏي ۽ ناٽ آئوٽ موٽيو.
اهڙي طرح آسٽريليا ٻي اننگز ۾ 207 رنسن آئوٽ ٿي وئي ۽ مجموعي طور ڪينگروز کي 281 رنسن جي سرسي حاصل ٿي.
ڏکڻ آفريڪا طرفان ربادا چار، نگيدي 3 جڏهن مارڪو ينيسن، مارڪرم ۽ مُلڊر هڪ، هڪ وڪيٽ ورتي.
ڏکڻ آفريڪا جي ٽيم کي 282 رنسن جي جواب ۾ بيٽنگ جاري آهي.
ٻيون ڏينهن
ڏکڻ آفريڪا پنهنجي پهرين اننگز ۾ 4 وڪيٽن جي نقصان سان ٻيئر شروع ڪئي.
ٽيمبا باووما ۽ ڊيوڊ بيڊنگهم وچ ۾ 64 رنسن جي ڀائيواري قائم ٿي.
باووما 36 رنسون ٺاهڻ بعد پيٽ ڪمنز جو شڪار ٿيو. ان کانپوءِ ٻيا بيٽرز آسٽريليا جي بالرن اڳيان جٽاءُ نه ڪري سگهيا ۽ پوري ٽيم رڳو 138 رنس تي آل آئوٽ ٿي وئي.
آسٽريليا طرفان ڪپتان پيٽ ڪمنز بهترين بالنگ ڪئي ۽ 28 رنسن عيوض 6 وڪيٽون ورتيون، مچل اسٽارڪ 2 ۽ جوش هيزل ووڊ 1 وڪيٽ حاصل ڪئي.
آسٽريليا پنهنجي ٻي اننگز ۾ ٻئي ڏينهن جي پڄاڻي تائين 8 وڪيٽن جي نقصان تي 144 رنسون ٺاهيون، جنهن ۾ اليڪس ڪيري 43 رنسن سان نمايان رهيو.
پهريون ڏينهن
ڏکڻ آفريڪا جي ڪپتان ٽيمبا باووما ٽاس کٽي پهرين فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو. آسٽريليا طرفان عثمان خواجه ۽ مارنوس لبوشين اننگز جي شروعات ڪئي، پر خواجه کاتو کولڻ بنا پويلين موٽيو.
آسٽريليا جي پوري ٽيم 212 رنسن تي ڍير ٿي وئي، اسٽيو سمٿ 66، بيئو ويبسٽر 72 ۽ اليڪس ڪيئري 23 رنسون ٺاهيون.
ڏکڻ آفريڪا جي ڪگيسو ربادا 5 ، مارڪو جانسن 3، جڏهن ته ڪيشو مهاراج ۽ ايڊن مارڪرم هڪ، هڪ وڪيٽ ورتي.