سون وڌيڪ هزاين رپيا مهانگو ٿي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) ملڪ ۾ في تولي سون جي اگهه ۾ وڌيڪ هزارين رپيا واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، اڄ ملڪ ۾ في تولو سون 4600 رپيا واڌ کانپوءِ 3 لک 61 هزار 500 رپين جو ٿي ويو.
ايسوسيئيشن موجب، ملڪ ۾ ڏهه گرام سون جي قيمت 4023 رپيا واڌ کانپوءِ 3 لک 10 هزار ست رپيا ٿي وئي آهي.
ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون 46 ڊالر مهانگو ٿيڻ کانپوءِ 3414 ڊالرز ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.