ڪراچي (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته اتر سنڌ جي سمورن ضلعن ۾ آنڌاريم گجگوڙ ۽ کنوڻ سان برسات جو امڪان آهي، جنهن بعد گرميءَ جي لهر ۾ گهٽتائي اچي سگهي ٿي.
موسميات کاتي طرفان اتر سنڌ ۾ آنڌاري ۽ گجگوڙ سان تيز برساتن جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ڪجهه علائقن ۾ هلڪي ۽ وچولي وسڪاري جو امڪان آهي.
ٻئي پاسي، موسميات کاتي ملڪ جي ٻين حصن ۾ به برساتن جي اڳڪٿي ڪئي آهي
موسميات کاتي موجب، برساتن جو اِهو سلسلو اڄ کان 16 جون تائين پنجاب، خيبر پختونخواهه، اسلام آباد، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ جاري رهندو.
ياد رهي ته ملڪ جي ڪيترن ئي علائقن ۾ سخت گرمي جاري آهي، جڏهن ته گذريل ڏينهن چولستان ۽ سرگوڌا ۾ پارو 48 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچي ويو هو.