اسلام آباد(عمر چيما)پارليامينٽ ميمبرن جي پگهارن ۾ 200 سيڪڙو ۽ سينيٽ چيئرمين ۽ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جي پگهارن ۾ 600 سيڪڙو واڌ ڪئي وئي آهي،دفاع واري وفاقي وزير خواجا آصف به ان معاملي تي ٽوئيٽ ڪندي چيو آهي ته اها مالياتي فحاشي آهي،ٻئي پاسي وزير به سوچيندا هوندا ته اسان ۽ پارليامينٽ ميمبرن جي پگهارن ۾ ڪو وڌيڪ فرق ناهي رهيو،هي جيڪي وزير آهن اهي پنهنجن پئسن سان نه چونڊجي ايندا آهن انهن پنهنجا اسپانسر رکيا هوندا آهن انهن کي به واپس مالي ادائيگيون ڪرڻيون هونديون آهن،جيڪڏهن عوام ڏانهن ڏسجي ته ۽ پارليامينٽ ميمبرن پاران رڳو پنهنجي مراعتن ۾ واڌ ڏسجي ته اها ڳالهه عوامي مفاد وٽان ناهي،ٻئي پاسي جيڪڏهن جج جي پگهار ڏسجي ته ان جي پگهار به اسپيڪر ۽ سينيٽ چيئرمين جيتري آهي،ٻيو ڏسجي ته جيڪي ماڻهو ڪروڙين رپيا خرچ ڪري پارليامينٽ پهچن ٿا پڇا انهن جي پگهار نه وڌڻ گهرجي،بلڪل ايتري هئڻ گهرجي پر انهن جي پگهارن ۾ واڌ سندن ڪارڪردگي سان مشروط ڪرڻ گهرجي،ٻيو ته ڪرپشن خلاف مهم تيز ڪرڻ گهرجي،ٽئين ڳالهه ته چونڊن جي عمل ۾ ڪروڙين رپيا سيڙائڻ واري ڳالهه کي هٿي ڇو ڏني وڃي ٿي؟جيڪي ماڻهو ڪروڙين رپيا لڳائي اچي ٿو ان کي اهي پئسا واپس به ڪرڻا هوندا آهن،ان ڪري ڪرپشن به وڌي ٿي.