ڪراچي واسين لاءِ بجلي سستي ٿيڻ جو امڪان

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي شهر جي بجلي واهپيدارن لاءِ خوشخبري، ڪي اليڪٽرڪ نيپرا ۾ بجلي جي اگهه ۾ گهٽتائي لاءِ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي، درخواست مهيني جي فيول پرائس ايڊجسٽمينٽ تحت ڏني وئي  آهي، جنهن تي نيپرا 19 جون تي ٻڌڻي ڪندو، جيڪڏهن درخواست منظور ٿي وئي ته صارفين کي في يونٽ 4 رپيا 69 پيسا سستي بجلي فراهم ڪئي ويندي، جنهن سان مجموعي طور تي 7 ارب 17 ڪروڙ رپين جو رليف ملي سگهي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.