ماهه رنگ بلوچ جي آزادي لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ ٻي درخواست داخل

اسلام آباد(بيورو/م ڊ) بلوچ يڪجهتي ڪميٽي اڳواڻ ماهرنگ بلوچ جي آزادي لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ هڪ ٻي درخواست داخل ڪئي وئي آهي. ماهه رنگ بلوچ جي ڀيڻ، ناديا  سپريم ڪورٽ ۾ هڪ ٻي درخواست داخل ڪندي بلوچستان هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي چئلينج ڪيو آهي۔ درخواست ۾ ماهه رنگ بلوچ جي گرفتاري جي مدي ۾ واڌ کي غيرقانوني قرار ڏيندي،  هاءِ ڪورٽ جي حڪم کي رد ڪرڻ جي اپيل ڪئي وئي آهي. درخواست گذار ناديا موقف اختيار ڪيو آهي ته ماهرنگ بلوچ جي گرفتاري جي مدت ۾ غيرقانوني طور تي واڌ ڪئي وئي، جنهن سان سندس بنيادي آئيني حق متاثر ٿي رهيا آهن۔ ناديا موجب، بلوچستان هاءِ ڪورٽ طرفان واڌ جي حمايت ڪرڻ وارو فيصلو آئيني اصولن جي ڀڃڪڙي آهي.هيءَ درخواست ان وقت سامهون آئي آهي جڏهن ناديا بلوچ گذريل ڏينهن به سپريم ڪورٽ سان رجوع ڪري، ايم پي او آرڊر ۽ بلوچستان هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي چئلينج ڪيو هو۔ سندس موقف آهي ته نه رڳو گرفتاري غيرقانوني آهي، پر ان ۾ ڪيل واڌ به انصاف جي تقاضائن جي خلاف آهي۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.