مون کي شادي لاءِ ” راضي“ ڪرڻ ۾ مڙس کي ڪيئي سال لڳي ويا: ماهرا خان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سپر اسٽار ماهرا خان انڪشاف ڪيو آهي ته سندس مڙس کي ڪيئي ورهيه کيس شاديءَ لاءِ راضيءَ ڪرڻ ۾ لڳي ويا
اڄڪلهه پنهنجي نئين فلم “ لو گرو“ جي مشهوري مهم ۾ مصورف ماهرا خان عيد جي موقعي تي فلم جي ٻي ڪاسٽ سان گڏ هڪ شو ۾ شرڪت ڪئي، جتي هن پنهنجي فني سفر ۽ ذاتي زندگي بابت مختلف موضوعن تي تفصيلي ڳالهايو.
شو دوران ماهرا خان چيو ته هوءَ حقيقي زندگيءَ ۾ رومانوي آهي، پنهنجا جذبا لڪائي ناهي سگهندي.
سندس چوڻ هو ته ” مان جيون ساٿيءَ جي چونڊ ۾ تمام گهڻو احتياط ڪيو آهي ۽ سليم کي مون کي شاديءَ لاءِ راضي ڪرڻ ۾ پڻ ڪيئي سال لڳي ويا هئا.“
اداڪارا چيو ته سندس مڙس ڏاڍو لڄارو آهي، کيس ڪئمرا تي اچڻ پسند ناهي، تنهنڪري هو ٽي وي تي اچڻ کان لنوائيندو آهي.
ماهرا خان وڌيڪ چيو ته شاديءَ جون وڊيوز وائرل ٿيڻ کانپوءِ سليم کي ماڻهو سڃاڻڻ لڳا آهن پر اِها ڳالهه به کيس پسند نه آهي.
ياد رهي ته ماهرا خان آڪٽوبر 2023ع ۾ ڪاروباري شخص سليم ڪريم سان ٻي شادي ڪئي هئي، اداڪارا کي پهرين شادي مان هڪ هڪ پٽ اذلان جو اولاد آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.