لاهور(معظم فخر)پاڪستاني معيشت جوانحصار صنعتن تي يا زراعت تي آھي انھن ٻنھي سيڪٽرز ۾ پاڪستان جي ڪارڪردگي واکاڻ جوڳي ناھي. خاص ڪري ھاڻوڪي ڪڻڪ جي پيداوار نھ رڳو ان جي پوکائي سراسري طور گھٽي آھي پرٻين اناجن جي پيداوار ۾ بھ گھٽتائي آئي آھي.ان سان گڏ صنعتي پيداوار جا ھدف طئي ڪيا ويا ھئا اھي بھ پورا ناھن ٿي سگھيا.قومي اقتصادي سروي جو اگر خلاصو ٻڌائجي تھ مجموعي طور تي حڪومت گذريل ھڪ سال ۾ ڪارڪردگي ناھي ڏيکاري سگھي.اھم معاشي ھدف ماڻڻ ۾ ناڪامي ٿي.زرعي ملڪ طور پاڪستان وڌيڪ ڪمزور ٿيو.ڪجھھ سيڪٽرز جھڙوڪ شرح سود، مھانگائي ۾ گھٽتائي آئي آھي زر مبادلھ ۾ واڌ ٿي آھي.اھڙي وقت ۾ ٻئي پاسي حڪومت پاران ھڪ نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويوآھي جنھن تحت اسپيڪر قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ چيئرمين جي پگھارن ۾ 600 سيڪڙو واڌ ڪئي وئي آھي.ان نوٽيفڪيشن سان ماھوار پگھار 13 لک روپيا ٿي وئي آھي.ھڪ قرضي ملڪ جنھن اندر سرڪاري ملازم جي پگھار لاءِ آئي ايم ايف کي منٿ ڪرڻي پوي ۽ اھو چوڻو پوي تھ پينشن جو بار نھ ٿا کڻي سگھون اتي پارليامينٽرين جي پگھار ۾ 200 سيڪڙُو اضافو ڪيو ويوآھي.عام ماڻھن کي بجلي جي سليب جي چڪر ۾ ڦاسايو ويوآھي جتي 200 يونٽن کان ھڪ يا ٻھ يونٽ وڌڻ تي نھ رڳو نئين سليب لاڳو ٿئي پر ڇھھ مھينا لوڙي بھ ان تي تھ حڪومت کي نانگ سنگھي وڃي ٿو.يوسف رضا ۽ سردار اياز جي پگھار تيرھن بجاءِ 3 لکي ھجي تھ مٿن ڪھڙو اثر پوندو.مزي جي ڳالھھ تھ ان 600 سيڪڙو واڌ پھرين جنوري کان لاڳو ٿيندي نھ ڪي پھرين جون کان.کين گذريل 6 مھينن جي پگھار ملندي.کين 2000 يونٽ بجلي معاف آھي.سو اھڙي قسم جا اقتصادي سروي جاري ڪري دعويٰ ڪرڻ اجايو آھي.اھا سچائي جي ماپ ناھي. سچائي جي ماپ اھا ھوندي تھ توھان اسان جي زندگي ۾ ڪيتري بھتري آئي آھي.اسان پيٽرول في ليٽر تي 110 روپيا جگا ٽيڪس ڀريون ٿا. اقتصادي سروي مطابق ٽيڪس جمع ڪرڻ ۾ مکيھ ڪردار پگھار دار طبقي نڀايوآھي.واپاري طبقي کان روينيو اوڳاڙي 4600 ارب ٿي آھي. 4300 ارب عام ماڻھو ڀريا آھن 300 ارب صرف صنعتڪارن ڀريا آھن.