اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي ايندڙ بجيٽ ۾ سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 50 سيڪڙو واڌ ۽ گهٽ ۾ گهٽ اجرت 50 هزار رپيا ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.
پيپلز پارٽي ليبر وِنگ جي انچارج چوڌري منظور اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 50 سيڪڙو واڌ ڪئي وڃي، اسان 500 سيڪڙو واڌ نٿا گهرون ۽ گهٽ ۾ گهٽ پگهار 50 هزار مقرر ڪئي وڃي.
هن چيو ته ورلڊ بئنڪ جي سروي مطابق پاڪستان جي 44 سيڪڙو آبادي يعني 10 ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهو غربت جو شڪار آهن، اسان اهي مطالبا صدر سان شيئر ڪيا، جنهن پيپلز پارٽي جي پارلياماني پارٽي سان شيئر ڪرڻ جو چيو.
هن زور ڀريو ته صنعتي مزدورن کي علاج جون سهولتون ڏنيون وڃن، ڊيٿ گرانٽ 8 لکن مان وڌائي 10 لک ڪئي وڃي، جڏهن ته ميريج گرانٽ 4 لکن مان وڌائي 5 لک ڪئي وڃي.
سندس چوڻ هو ته اي او بي آءِ جي پينشن هن وقت لڳ ڀڳ 10 هزار رپيا آهي، جنهن ۾ 100 سيڪڙو واڌ ڪئي وڃي.
چوڌري منظور چيو ته نجڪاري واري پاليسي کي فوري طور بند ڪيو وڃي، يوٽيلٽي اسٽور بند ڪري 5 هزار ملازمن کي برطرف ڪيو پيو وڃي، جيڪا حڪومت جي واعدن جي ڀڃڪڙي آهي.
هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن اهي مطالبا نه مڃيا ويا ته اسان پنهنجي ايندڙ لائحه عمل جو اعلان ڪنداسين، جڏهن ته سڀاڻي بجيٽ جي موقعي تي ڪجهه تنظيمون احتجاج ڪنديون، جن ۾ اسان به شرڪت ڪنداسين.
Prev Post
You might also like