واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪا جي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي شهرين ۽ مفادن کي دهشتگردن کان بچائڻ لاءِ ڪيترن ئي ملڪن جي شهرين جي آمريڪا ۾ داخلا تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب صدر ٽرمپ هڪ نئين سفري پابندي واري حڪم نامي تي صحيون ڪري ڇڏيون آهن، جنهن تحت 12 ملڪن جي شهرين جي آمريڪا ۾ داخلا تي پابندي لڳائي وئي آهي.
وائيٽ هائوس موجب جن ملڪن تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي، انهن ۾ افغانستان، برما، چاڊ، جمهوريا ڪانگو، استوائي گني، ايريٽيريا، هيٽي، ايران، ليبيا، صوماليا، سوڊان ۽ يمن شامل آهن.
وائيٽ هائوس پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته هن قدم جو مقصد آمريڪي عوام کي خطرناڪ پرڏيهي عنصرن کان محفوظ رکڻ آهي.
صدر ٽرمپ هڪ وڊيو پيغام ۾ چيو ته تازو ڪولوراڊو ۾ ٿيل دهشتگرد حملي مان واضح ٿو ٿئي ته اهي پرڏيهي شهري، جيڪي صحيح طريقي سان تصديق ٿيل نه هوندا آهن، اهي ملڪ لاءِ وڏو خطرو بڻجي سگهن ٿا.
ان کانسواءِ صدر ٽرمپ هارورڊ يونيورسٽي ۾ پرڏيهي شاگردن جي ويزائن تي به پابندي لڳائي ڇڏي آهي.
ياد رهي ته آمريڪي رياست ڪولوراڊو ۾ اسرائيل جي حق ۾ ريلي دوران هڪ اڻڄاتل شخص حملو ڪيو هو، جنهن ۾ 6 ماڻهو زخمي ٿي پيا هئا، جڏهن ته حملو ڪندڙ کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو هو.
اختيارين ٻڌايو ته حملي دوران 45 ورهين جي جوابدار ”فلسطين آزاد ڪيو“ جو نعرو پڻ هنيو هو، اهو شخص غير قانوني طريقي سان آمريڪا ۾ داخل ٿيو هو، جنهن بعد فوري طور تي اهڙي قدم جي ضرورت محسوس ڪئي وئي.
ٽرمپ جو نئون حڪم، ايران ۽ افغانستان سميت 12 ملڪن جي شهرين جي ملڪ داخلا تي پابندي
You might also like