غزا/جنيوا(م ڊ) اسرائيل طرفان غزا جي مختلف علائقن تي تازن فضائي حملن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 26 فلسطيني شهيد ٿي ويا آهن. غزا سٽي، خان يونس ۽ جباليا کي نشانو بڻايو ويو، مقامي ذريعن موجب، غزه ۾ امدادي مرڪز به هاڻي مذبح خانا بڻجي ويا آهن، جتي بک ۽ بدحاليءَ ۾ مبتلا فلسطينين کي امداد جي نالي تي گهرايو وڃي ٿو ۽ پوءِ سندن مٿان فائرنگ ڪئي وڃي ٿي.رات جو امداد لاءِ منتظر 27 فلسطيني شهيد ۽ 90 زخمي ٿي پيا، شهيدن جو انگ 54 هزار 510 ٿي ويواقوام متحده ۽ ٻين عالمي ادارن جي رپورٽن مطابق، جاري جنگ دوران شهيد ٿيل فلسطيني شهرين جو مجموعي انگ هاڻي 54 هزار 510 تائين پهچي چڪو آهي، جڏهنته هزارين ماڻهو زخمي يا بي گهر ٿي چڪا آهن،هوڏانهن بين الاقوامي امدادي تنظيم "ريڊ ڪراس” (ICRC) جي سربراهه مرجانا سپلولجيرڪ چيو آهي ته غزاه هن وقت ڌرتيءَ تي دوزخ کان به بدتر جاءِ بڻجي چڪي آهي، جتي انسانيت شڪست کاڌي رهي آهي.بي بي سي کي جنيوا ۾ انٽرويو ڏيندي، مرجانا چيو ته پوري دنيا تماشو ڏسي رهي آهي، فلسطينين کي مصيبتن مان ڪڍڻ ۽ اسرائيلي يرغمالين جي آزادي لاءِ ۽ هن جنگ جي خاتمي لاءِ ٻيا ملڪ ڪجهه خاص نه پيا ڪن هن چيو ته فلسطيني عوام جو وقار ختم ڪيو پيو وڃي ۽ عالمي قانونن کي لتاڙيو پيو وڃي.