نيو يارڪ (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي سمارٽنس جو راز ٻڌائي ڇڏيو.
بلاول ڀٽو زرداري تازي پاڪ – ڀارت ڇڪتاڻ کانپوءِ پاڪستان جي موقف کان دنيا کي آگاهه ڪرڻ لاءِ وفد جي قيادت ڪندي نيو يارڪ ۾ موجود آهي.
نيو يارڪ ۾ هڪ نيوز ڪانفرنس دوران صحافين بلاول ڀٽو زرداري کان سمارٽنس جو راز پڇيو ۽ چيو ته وزن ڪيئن گهٽايو وڃي ۽ توهان جيان سمارٽ ڪيئن بڻجي؟
پ پ چيئرمين مسڪرائيندي چيو ته کنڊ ۽ ماني کائڻ بند ڪيو، جم وڃو ۽ ورزش ڪرڻ شروع ڪيو.
You might also like