ميهڙ (ويب ڊيسڪ) ميهڙ ويجهو ڳوٺ ۾ لسي پيئڻ سبب عورتن ۽ ٻارن سميت 10 گهر ڀاتين جي حالت خراب ٿي وئي.
ڳوٺ ٻچي جاگير ۾ لسي پيڻ سبب عورتن ۽ ٻارڙن سميت 10 گهر ڀاتين جي حالت خراب ٿي وئي، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.
متاثرن ۾ 40 ورهين جو نثار بروهي، 12 ورهين جو صداقت، 45 ورهين جو حضور بخش، 35 ورهين جو حسين، 40 ورهين جي فاطمه زال حسين، 15 ورهين جي سائرا، مسمات موران زال حضور بخش ۽ ٻيا شامل آهن.
You might also like