ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي اطلاعات واري وزير شرجيل ميمڻ ڪراچي وارن کان سوال ڪيو آهي ته ڇا بجلي جي لوڊشيڊنگ تي روڊ بند ڪرڻ سان بجلي بحال ٿي ويندي؟
پنهنجي بيان ۾ شرجيل ميمڻ چيو ته سڄي صوبي جي ڀيٽ ۾ سڀ کان گهٽ لوڊشيڊنگ ڪراچي ۾ آهي، سياست ۽ پرامن احتجاج جو حق سڀني کي آهي، گرائونڊ ۽ پارڪ ۾ احتجاج ڪيو پر روڊ بند ڪرڻ جي اجازت ناهي.
هن چيو ته صوبي کان ٻاهر جي هيوي گاڏين جي رجسٽريشن لازمي ڪئي وئي آهي، گاڏين لاءِ فٽنيس سينٽر کي لانچ ڪيو آهي، ٽرانسپورٽ کاتو گاڏين جي فٽنيس چيڪ ڪري رهيو آهي، ڪوشش آهي ته هيوي ٽريڪ کي رات 10 وڳي کان صبح 11 وڳي تائين لياري ايڪسپريس تي وٺي وڃون.
You might also like