اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد ۾ قتل ٿيل ٽڪ ٽاڪ ثنا يوسف جي قاتل بابت پوليس جاچ ۾ اهم انڪشاف سامهون اچي ويا، ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ اسلام آباد ثنا يوسف جي مبينا قاتل کي سڃاڻپ پريڊ لاءِ جيل موڪلي ڇڏيو.
ثنا يوسف جي مبينا قاتل عمر حيات کي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ اسلام آباد ۾ جڊيشل ميجسٽريٽ احمد شهزاد گوندل جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، جتي پوليس طرفان جوابدار جي جسماني ريمانڊ ۽ سڃاڻپ پريڊ جي درخواست ڪئي وئي.
عدالت جوابدار عمر حيات جي سڃاڻپ پريڊ جي درخواست منظور ڪندي کيس جيل موڪلي ڇڏيو.
ٻئي پاسي پوليس ذريعن موجب جاچ دوران جوابدار بابت ڪجهه اهم حقيقتون سامهون آيون آهن.
پوليس جو چوڻ آهي ته عمر حيات ڀاڙي جي فارچونر گاڏي تي فيصل آباد کان اسلام آباد آيو هو پر ان جو ڀاڙو به ادا نه ڪيو، جڏهن ته رينٽ اي ڪار جو مالڪ جوابدار جي گرفتاري کانپوءِ پئسا وٺڻ لاءِ پهتو پر جوابدار وٽ رڳو ٻه ٽي سئو رپيا هئا.
پوليس ذريعن موجب جوابدار پاڻ کي لينڊ لارڊ جو پٽ ظاهر ڪندو هو، جڏهن ته سندس والد گريڊ 16 جو رٽائرڊ ملازم آهي، مقتولا ثنا يوسف جي سالگرهه جي موقعي تي جوابدار ڪيڪ ۽ تحفا وٺي اسلام آباد جي سيڪٽر G-13 پهتو، جتي ثنا يوسف ساڻس ملڻ کان انڪار ڪيو، جنهن کانپوءِ 2 جون تي جوابدار ٻيهر سندس گهر آيو.
جوابدار بيان ڏنو ته قتل کانپوءِ هن بائيڪ رائيڊ بڪ ڪئي، بائيڪ تان لهي ٽيڪسي ذريعي بس اڏي پهتو ۽ اتان فيصل آباد جي بس ۾ گهر پهتو.
ياد رهي ته ٻنه ڏينهن اڳ اسلام آباد ۾ 17 ورهين جي سوشل ميڊيا انفلوئنسر ثنا يوسف کي سندس گهر اندر گولي هڻي قتل ڪيو ويو هو، جنهن کانپوءِ پوليس اڻڄاتل جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪيو هو.
اسلام آباد پوليس فوري ڪارروائي ڪندي قتل جي 24 ڪلاڪن اندر جوابدار عمر حيات عرف ڪاڪا کي فيصل آباد مان گرفتار ڪيو، جڏهن ته سندس قبضي مان هٿيار به هٿ ڪيو ويو.
ثنا يوسف جي قتل کانپوءِ جوابدار جي فرار ٿيڻ جي سي سي ٽي وي وڊيو سامهون آئي هئي، جيڪا سندس گرفتاري جو سبب بڻي.
You might also like