ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سينيئر اداڪاره عائزا خان سوشل ميڊيا واهپيدارن، خاص طور تي انفلوئنسرز کي خبردار ڪندي اهم مشورو ڏنو آهي.
عائزا خان، ٽڪ ٽاڪ اسٽار ثناءَ يوسف جي قتل واري واقعي کانپوءِ، انسٽاگرام اسٽوري ذريعي هڪ پيغام شيئر ڪيو، جنهن ۾ هن سوشل ميڊيا جي فائدن ۽ نقصانن بابت آگاهي ڏني.
اداڪارا پنهنجي پيغام ۾ لکيو ته ”سوشل ميڊيا جا فائدا ۽ نقصان سمجهڻ تمام ضروري آهن، خاص طور تي اسان جي سماج ۾ ته اڃا به وڌيڪ احتياط جي ضرورت آهي.“
هن چيو ته ”پنهنجي گهر جو پتو، گاڏي جو نمبر، روزاني بنيادن تي اچ وڃ وارين جاين ۽ پنهنجن ٻارن جي ذاتي معلومات سوشل ميڊيا تي قطعي شيئر نه ڪريو.“
عائزا خان وڌيڪ لکيو ته ”هاڻي وقت بدلجي ويو آهي ۽ ذاتي معلومات سوشل ميڊيا تي بالڪل به محفوظ نه رهي آهي.“
اداڪارا زور ڀريندي چيو ته ” توهان جا سوشل ميڊيا فالوورز توهان جي چونڊ نه هوندا آهن، دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ماڻهو توهان کي فالو ڪن ٿا، تنهنڪري هر شيءِ شيئر ڪرڻ کان اڳ ذميواري جو مظاهرو ڪريو.“
پنهنجي انسٽا اسٽوري جي آخر ۾ هن دعا ڪئي ته ” الله تعاليٰ اسان سڀني کي پنهنجي امان ۾ رکي ۽ سٺن ماڻهن جو اٿ نصيب ڪري..“