لنڊن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي اداڪارا ۽ گلوڪارا سيلينا گومز پنهنجي دوست ٽيلر سوئفٽ کي آمدني جي فهرست ۾ پوئتي ڇڏيندي ”فوربز“ جي امير ترين محنتي عورتن جي فهرست ۾ اڳتي اچي وئي آهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب فوربز پاران جاري ڪيل تازي سالياني فهرست ۾ آمريڪا جون 100 اهڙيون عورتون شامل ڪيون ويون آهن، جن محنت ۽ پنهنجي صلاحيتن جي آڌار دولت جا انبار لڳايا.
رپورٽ موجب، 32 ورهين جي سيلينا گومز جي مجموعي ماليت جو ڪاٿو 70 ڪروڙ ڊالر لڳايو ويو آهي، جنهن سبب فهرست ۾ سرفهرست قرار ڏنو ويو آهي.
فوربز جي امير ترين ”سيلف ميڊ“ عورتن جي فهرست ۾ سيلينا گومز سان گڏوگڏ اوپرا ونفري، ڪِم ڪرڊيشين، ڪائلي جينر، بيونسي، ريز ويدرسپون، ريحانا، ۽ ٽيلر سوئفٽ سميت ٻيون مشهور شخصيتون شامل آهن.
You might also like