آءِ ٽي ايف جونيئر ٽينس ۾ پاڪ-ڀارت جوڙي سيمي فائنل ۾ پهچي وئي

نائيجيريا (ويب ڊيسڪ) آءِ ٽي ايف جونيئر ٽينس ٽورنامينٽ ۾ پاڪستان ۽ ڀارت جي گڏيل رانديگرن جي جوڙي شاندار راند پيش ڪندي سيمي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو.
نائيجيريا ۾ جاري ٽورنامينٽ دوران پاڪستان جي سوها علي ۽ ڀارت جي سڌاڪ ڪور جي جوڙي گرلز ڊبلز جي مقابلي ۾ ڪاميابي ماڻي.
سوها علي ۽ سڌاڪ ڪور جي جوڙي ڪوارٽر فائنل ۾ نائيجيريا جي فيگو آئيٽوما ۽ تولو وياشي کي سڌي سيٽن ۾ 3-6 ۽ 4-6 تان شڪست ڏني.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.