سنڌ حڪومت جيل کاتي ۾ اهم انتظامي تبديليون ڪري ڇڏيون

ڪراچي (ويب ڊيسڪ)ملير جيل ۾ پيش آيل واقعي کانپوءِ سنڌ سرڪار جيل کاتي ۾ اهم انتظامي تبديليون ڪري ڇڏيون.
ذريعن موجب، جيل کاتي جي انتظامي عهدن تي مقررين لاءِ قانونن ۾ ڦيرڦار ڪئي وئي آهي، جنهن لاءِ سنڌ جي وقتي گورنر اويس قادر شاهه آرڊيننس جاري ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.
آرڊيننس جي ذريعي جيل کاتي جي انتظامي ڍانچي ۽ قاعدن ۾ تبديليون آنديون ويون آهن، جن تحت هاڻ آءِ جي جيل، ڊي آءِ جي ۽ جيل سپرنٽنڊينٽ جي عهدن تي سول سروس جي آفيسرن کي مقرر ڪري سگهجي ٿو.
واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ ڪراچي جي علائقي ملير ۾ آيل زلزلي سبب ملير جيل مان ڪيترائي قيدي فرار ٿي ويا هئا.
پوليس موجب، جيل مان مجموعي طور 216 قيدي فرار ٿيا هئا، جن مان 94 کي ٻيهر گرفتار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته 122 اڃا تائين فرار آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.