ملير جيل واقعو”سسٽم“اندر جهيڙي جو نتيجو؟

اسلام آباد (قربان بلوچ) ڪراچي جي ملير جيل مان 200 کان وڌيڪ قيدين جي فرار ٿيڻ کانپوءِ سنڌ جي جيل انتظاميا جي غفلت ظاهر ٿي. رڳو 20 کان 25 هٿياربندن جيل جو مين گيٽ ٽوڙي قيدين کي ڀڄڻ جو موقعو ڏنو، پر ڪا به اثرائتي مزاحمت نه ڪئي وئي. آءِ جي جيلز، ڊي آءِ جي جيلز ڪراچي، جيل سپرنٽينڊنٽ ملير ۽ 26 ملازمن کي معطل ڪيو ويو. آءِ جي جيلز نذير قاضي، رڳو ٻه مهينا اڳ مقرر ٿيو هو، ۽ ڊي آءِ جي جيلز حسن سهتو جي وچ ۾ اڳ ئي تڪرار هلندڙ هو، جن جون آڊيوز به منظر عام تي آيون. سسٽم جي اندروني رساڪشي سبب سسٽم سان نه هلي سگهندڙ کي قرباني جو ٻڪرو بڻائڻ جون ڪوششون شروع ٿي ويون آهن، جڏهن ته ڊي آءِ جي بابت چيو وڃي ٿو ته هو طاقتور ۽ منظور نظر آهي. سمورو ملبو ان تي ئي ڪيرايو ويندو جيڪو سسٽم سان هلي نٿو سگهي. ڊي آءِ جي جيلز ڪراچي حسن سهتو جي ذميواري رڳو ڪراچي جي ٻن جيلن جي نگراني ڪرڻي آهي جنهن ۾ سينٽرل جيل ڪراچي ۽ ملير جيل ڪراچي آهي، جيڪڏهن آءِ جي معطل ٿئي ٿو ته ڇا ڊي آءِ جي جيلز رڳو معطل ٿيڻ گهرجي يا سندس سزا وڌيڪ سخت ٿيڻ گهرجي؟ اطلاعن موجب قاضي نذير آءِ جي جيل بڻيو ته کيس چيو ويو ته اوهان کي پگهار جو اڌ حصو ملندو، ٻيا خرچ اوهان کي ٻاهران پورا ڪرڻا پوندا، اطلاعن موجب قاضي چيو ته اها منهنجي وس جي ڳالهه ناهي، ائين آهي ته منهنجي جاءِ تي ڪنهن ٻئي کي مقرر ڪريو، سسٽم سان هلڻ منهنجي وس جي ڳالهه ناهي.

نوٽ: هي تجزيو روزاني عوامي آواز، اربع 04 جون 2025ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.