پشاور (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪ فوج ڀارت کي اهڙو سبق سيکاريو جيڪو قيامت تائين ان کي ياد رهندو، مودي سرڪار شڪست جا زخم چَٽي رهي آهي.
پشاور ۾ جرڳي کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته سنڌ طاس معاهدي تحت پاڻي جي هڪ هڪ ڦڙي تي پاڪستان جو حق آهي، پاڻي جي معاملي تي اسان کي فيصلو ڪرڻو آهي، چئني صوبن کي دعوت ڏينداسين، فيصلو ڪرڻو آهي ته اسان ڪيئن پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي گنجائش وڌائي سگهون ٿا.
هن چيو ته هاڻ اسان کي پاڪستان جي خوشحالي لاءِ سخت فيصلا ڪرڻا پوندا، جڏهن ته وطن جو سڏ ٿيو ته اسان جو جوان پنهنجا ٻار ڇڏي سرحد تي پهتو، هاڻ معاشي ميدان ۾ به پاڪستان کي هڪ عظيم قوم بڻائڻو آهي.
مودي سرڪار شڪست جا زخم چَٽي رهي آهي، صوبن سان گڏجي پاڻي ذخيرو ڪنداسين: وزيراعظم
You might also like