اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پوليس ٽڪ ٽاڪر ثنا يوسف جي قتل ۾ ملوث جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو.
پوليس ذريعن موجب جوابدار ٽڪ ٽاڪر ثنا يوسف کي قتل ڪرڻ کانپوءِ فيصل آباد فرار ٿي ويو هو، جنهن کي اتان گرفتار ڪيو ويو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته جوابدار کي سي سي ٽي وي ۽ جديد ٽيڪنالاجي جي مدد سان گرفتار ڪيو ويو.
پوليس ذريعن موجب ثنا يوسف جي قاتل جي سڃاڻپ عمر حيات عرف ڪاڪا جي نالي سان ٿي ۽ هو پاڻ به ٽڪ ٽاڪر آهي، جڏهن ته جوابدار پاڻ کي مقتولا جو دوست ٻڌايو آهي.
واضح رهي ته ٽڪ ٽاڪر ثنا يوسف کي گذريل ڏينهن اسلام آباد ۾ سندس گهر تي فائرنگ ڪري قتل ڪيو ويو هو.
You might also like