ملير (ويب ڊيسڪ) ملير جيل مان قيدين جي فرار ٿيڻ جي واقعي کانپوءِ هڪ قيدي کي سندس ماءُ پاڻ واپس جيل پهچائي ڇڏيو.
رپورٽن موجب هڪ قيدي جڏهن جيل مان فرار ٿي گهر پهتو ته ماءُ نه رڳو کيس سمجهايو پر فوري طور پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.
عورت جيل پهچي قيدي پٽ کي پوليس حوالي ڪيو ۽ پوءِ اهلڪارن کان پنهنجي پٽ جي غلطي تي معافي گهرندي رهي.
هن هٿ ٻڌي پوليس اهلڪارن کي چيو ته پٽ کان غلطي ٿي آهي ۽ مان پاڻ ان کي توهان وٽ وٺي آئي آهيان، مهرباني ڪري ان کي ڪجهه نه ڪجو.
عورت ٻڌايو ته مان بيواهه آهيان ۽ هي منهنجو سڀ کان وڏو پٽ آهي، جنهن کي موبائل ۾ دوست سان گڏ تصوير جي بنياد تي سزا ٻڌائي وئي، گهڻو پنڌ ڪري کيس پوليس حوالي ڪرڻ آئي آهيان.
Prev Post
You might also like