ڪراچيءَ ۾ هڪ هفتي تائين زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويندا: چيف ميٽرولاسٽ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچيءَ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو مسلسل ٽئين ڏينهن به زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا آهن، جڏهن ته ٽن ڏيهن دوران مجموعي طور تي 21هون زلزلو رپورٽ ٿيو آهي.
زلزلي ماپ مرڪز موجب، تازو زلزلو اڄ صبح 11 لڳي 51 منٽن تي رڪارڊ ڪيو ويو، جنهن جي شدت 2 ۽ زمين اندر اونهائي 10 ڪلوميٽر هئي، جڏهن ته ان جو مرڪز ملير جي اوڀر ۾ 23 ڪلوميٽر جي مفاصلي تي هو.
ٻئي پاسي چيف ميٽرو لاسٽ امير حيدر جو چوڻ آهي ته زلزلي جا هي لوڏا لانڍي فالٽ لائين جي سرگرم ٿيڻ سبب اچي رهيا آهن، جيڪا هاڻي هوريان هوريان نارمل ٿيڻ واري مرحلي مان گذري رهي آهي، پر وڌيڪ هڪ هفتي تائين معمولي شدت جا زلزلا اچي سگهن ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.