اداڪار منيب بٽ جو قرباني لاءِ خريد ڪرڻ اُٺ ڀڄي ويو

اداڪار منيب بٽ جو قرباني لاءِ خريد ڪيل اُٺ ڀڄي ويو، جنهن جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي، جڏهن ته اداڪار به اٺ جي ڀڄڻ جي وڊيو شيئر ڪئي.
منيب بٽ انسٽاگرام اسٽوري ۾ اٺ جي ڀڄڻ جي وڊيو شيئر ڪندي ٻڌايو ته هڪ ڏينهن اڳ اٺ ڀڄي ويو هو، سي سي ٽي وي ڪيمرا جي فوٽيجز سان خبر پئي ته پاڙيسرين جي ٻارن اسان جي اٺ کي پٿر هنيا، جنهن سبب هو تنگ ٿي ڀڄي ويو.
هن والدين کي مخاطب ٿيندي چيو ته اهي پنهنجي ٻارن کي تعليم ڏين ته قرباني لاءِ آندل جانور سان سٺو سلوڪ ڪيو ويندو آهي.
توڙي جو اداڪار جو اٺ هڪ ڏينهن اڳ ڀڄي ويو هو پر هن اهو واضح نه ڪيو ته کيس فرار ٿيندڙ اٺ واپس مليو يا نه؟

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.