ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پاڪستان جو موقف دنيا سامهون پيش ڪرڻ لاءِ نيو يارڪ پهچي ويو، جتان هن پنهنجو پيغام به شيئر ڪيو آهي.
ايڪس تي جاري ڪيل وڊيو بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته مان نيو يارڪ پهچي چڪو آهيان، گڏيل قومن ۾ پاڪستان جو آواز بڻجندس.
هن چيو مان دنيا کي ٻڌائڻ آيو آهيان ته اسان ڪشمير جي عوام سان گڏ آهيون، انهن کان ڪير به آزادي جو حق نٿو کسي سگهي، پاڻي اسان جي زندگي آهي، ان تي زبردستي قبول ناهي، سنڌو تي حملو نامنظور.
سندس چوڻ هو ته اسان هر قسم جي دهشتگردي جي خلاف آهيون، ڪنهن کي به پنهنجي سرحدن کي نقصان پهچائڻ نه ڏينداسين.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان امن چاهي ٿو، عزت ۽ برابري سان اهو اسان جو واضح پيغام آهي.
You might also like