بنگلاديش جي سپريم ڪورٽ جو جماعت اسلامي جي بحاليءَ جو حڪم

ڍاڪا (ويب ڊيسڪ) بنگلاديش جي سپريم ڪورٽ آچر تي ملڪ جي سڀ کان وڏي اسلامي جماعت، جماعتِ اسلامي جي رجسٽريشن بحال ڪري ڇڏي، جنهن سان جماعتِ اسلامي کي هڪ ڏهاڪي کان پوءِ چونڊن ۾ حصو وٺڻ جي اجازت ملي وئي.
ياد رهي ته حسينا واجد جي اڳوڻي حڪومت جماعتِ اسلامي جي رجسٽريشن ختم ڪري ڇڏي هئي.
پرڏيهي ميڊيا موجب سپريم ڪورٽ جماعتِ اسلامي جي رجسٽريشن ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو، جنهن سبب هاڻي اها جماعت ٻيهر اليڪشن ڪميشن وٽ سرڪاري طور تي سياسي جماعت طور رجسٽر ٿي سگهندي.
شيخ حسينا کي آگسٽ ۾ وزيراعظم جي عهدي کان هٽائڻ کان پوءِ جماعتِ اسلامي 2013 ۾ هاءِ ڪورٽ جي ان فيصلي تي نظرثاني جي اپيل داخل ڪئي هئي، جنهن ۾ جماعت تي پابندي لڳائي وئي هئي.
هي فيصلو اهڙي وقت سامهون آيو آهي، جڏهن سپريم ڪورٽ 27 مئي تي جماعتِ اسلامي جي هڪ اهم اڳواڻ اي ٽي ايم اظهر الاسلام خلاف 2014 ۾ ڏنل موت جي سزا کي به ڪالعدم قرار ڏنو، جنهن تي 1971 جي آزادي واري جنگ دوران ريپ، قتل ۽ نسل ڪشي جا الزام هئا.
جماعتِ اسلامي 1971 ۾ پاڪستان جي حمايت ڪئي هئي، جيڪو اڃا تائين ڪيترن ئي بنگلاديشي ماڻهن لاءِ حساس ۽ ناراضگي جو سبب آهي.
جماعتِ اسلامي شيخ حسينا جي پيءُ ۽ بنگلاديش جي باني شيخ مجيب الرحمن جي مخالف رهي آهي.
شيخ حسينا پنهنجي حڪومت دوران جماعتِ اسلامي تي پابندي لڳائي ۽ ان جي اڳواڻن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.