اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ افغانستان گڏيل اعتماد قائم رکڻ لاءِ گڏجي ڪم جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو آهي.
آچر ڏينهن پرڏيهي کاتي پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار افغانستان جي قائم مقام پرڏيهي وزير عامر خان متقي سان ٽيليفون تي ڳالھه ٻولھه ڪئي.
ٻنهي ملڪن علائقائي رابطن لاءِ ازبڪستان، افغانستان، پاڪستان (يو اي پي) ريلوي لائن منصوبي جي اهميت تي زور ڏنو ۽ فريم ورڪ معاهدي کي جلد حتمي صورت ڏيڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.
عامر خان متقي پاڪستان طرفان سفارتي لاڳاپن کي سفير جي سطح تي وڌائڻ واري فيصلي کي ساراهيو ۽ ٻڌايو ته افغانستان به ان جو جواب ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
هن ان کي ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن ۾ انتهائي هاڪاري اڳڀرائي قرار ڏني، ٻنهي اڳواڻن 19 اپريل 2025 تي اسحاق ڊار جي ڪابل دوري دوران ڪيل فيصلن تي عملدرآمد جو جائزو پڻ ورتو.
افغانستان چيو آهي ته هو پاڪستان سان سفارتي لاڳاپا وڌائڻ واري فيصلي جي آجيان ڪري ٿو.
افغانستان ۾ طالبان حڪومت جو پرڏيهي وزير ايندڙ ڏينهن ۾ پاڙيسري ملڪ پاڪستان جو دورو ڪندو، ڪابل ۾ افغانستان جي پرڏيهي وزارت هڪ بيان ۾ ان دوري جي تصديق ڪئي آهي.
ٻنهي پاڙيسري ملڪن تازن ڏينهن ۾ لاڳاپن ۾ پيدا ٿيندڙ ڇڪتاڻ کي گھٽائڻ جا اشارا ڏنا آهن.
You might also like