تل ابيب (ويب ڊيسڪ) اسرائيل فرانسيسي صدر ايمانوئل ميڪرون تي يهودي رياست خلاف صليبي جنگ جاري رکڻ جو الزام هڻي ڇڏيو.
اسرائيلي پرڏيهي وزارت طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته فرانسيسي صدر ميڪرون جي يهودي رياست خلاف صليبي جنگ جاري آهي، صدر ميڪرون کي حقيقتن ۾ ڪا دلچسپي ناهي.
اسرائيلي پرڏيهي وزارت دعويٰ ڪئي ته غزا ۾ انساني امداد جي فراهمي جي ناڪابندي ناهي ۽ امداد پهچائڻ لاءِ اسرائيل سهولت فراهم ڪري رهيو آهي.
اسرائيلي پرڏيهي وزارت چيو ته حماس تي دٻاءُ وجهڻ بدران ميڪرون کين فلسطيني رياست جو انعام ڏيڻ چاهي ۽ اسرائيل تي پابنديون لڳائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.
هوڏانهن اسرائيل جي بچاءَ واري وزير چيو ته ميڪرون ۽ سندس ساٿين کي واضح پيغام آهي ته اسان فلسطين جي اولهه ڪناري يهودي اسرائيلي رياست قائم ڪنداسين.
You might also like