نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ گذريل ٻن ڏينهن کان چوماسيءَ جي تيز مينهن سبب ٻوڏ ۽ لينڊ سلائيڊنگ جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 30 ماڻهو فوت ٿي ويا.
پرڏيهي ميڊيا موجب رياست آسام ۾ 8 ۽ اروناچل پرديش ۾ 9 ماڻهو فوت ٿيا، اڪثر فوتگيون لينڊ سلائيڊنگ سبب ٿيون.
ميزورم رياست ۾ ڇَپ ڪرڻ سبب 5 ماڻهو فوت ٿي ويا. ميگھاليه ۾ 6 ماڻهو فوت ٿيا ۽ ناگالينڊ، تريپورا ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٻه ماڻهو فوت ٿيا آهن.
ياد رهي ته ڀارت ۾ مسلسل 3 ڏينهن کان تيز برساتن سبب ڪيترن ئي ضلعن ۾ ريڊ الرٽ جاري ڪيو ويو آهي.
You might also like