نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ پوليس پاڪستان سان همدردي رکڻ جي الزام ۾ ڪيترن ئي ماڻهن کي گرفتار ڪري ورتو.
پرڏيهي ميڊيا موجب آچر ڏينهن هڪ اعليٰ سرڪاري عهديدار ٻڌايو ته تازي پاڪ – ڀارت ڇڪتاڻ کانپوءِ ڀارتي پوليس پاڪستان سان همدردي رکڻ جي الزام ۾ ڪيترن ئي ماڻهن کي گرفتار ڪيو آهي.
اهي گرفتاريون آسام رياست مان ٿيون، جتان جي وڏي وزير هيمنت بسوا شرما چيو ته پاڪستان سان همدردي رکڻ 81 ملڪ دشمن هاڻ جيل ۾ آهن.
نريندر مودي جي هندو قوم پرست جماعت سان واسطو رکندڙ هيمنت بسوا شرما چيو ته اسان جو نظام سوشل ميڊيا تي ملڪ دشمن پوسٽن کي مسلسل ٽريڪ ۽ ڪارروائي ڪري رهيو آهي.
آسام پوليس موجب هڪ شخص کي انسٽاگرام تي پاڪستاني پرچم پوسٽ ڪرڻ تي گرفتار ڪيو ويو، جڏهن ته ٻين گرفتارين بابت تفصيل ناهن ٻڌايا ويا.
You might also like