يوڪرين جو روسي ايئر بيس تي حملو، 40 کان وڌيڪ جهاز تباهه ڪرڻ جي دعويٰ

ڪيف (ويب ڊيسڪ) يوڪرين روس جي سائبيرين علائقي ۾ هڪ ايئر بيس تي حملي ۾ جوهري هٿيار کڻي وڃڻ جي صلاحيت رکندڙ بمبار جهازن کي نشانو بڻائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب يوڪرين جو هي حملو روس جي سرحد اندر سڀ کان ڊگهي فاصلي تي ٿيندڙ حملن مان هڪ آهي.
سوشل ميڊيا تي پوسٽ ڪيل غير تصديق ٿيل وڊيوز ۽ تصويرن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته بيليا ائير بيس تي روس جي اسٽريٽجڪ بمبار جهازن کي باهه لڳل آهي، اهي جهاز ڊگهي فاصلي تي موجود هدفن تي روايتي ۽ ايٽمي هٿيارن سان حملو ڪرڻ جي صلاحيت رکن ٿا.
پرڏيهي ميڊيا موجب ڪيف ۾ يوڪرين جي انٽيليجنس جي هڪ اهلڪار دعويٰ ڪئي ته يوڪرين جي داخلي سيڪيورٽي ايجنسي ايس بي يو هڪ وڏي ڊرون حملي ۾ 40 کان وڌيڪ روسي جنگي جهازن کي نشانو بڻايو آهي.
يوڪريني اهلڪار موجب حملي ۾ جن جهازن کي نشانو بڻايو ويو، انهن ۾ Tu-95 ۽ Tu-22 بمبار جهاز شامل هئا، جيڪي روس يوڪرين تي ڊگهي فاصلي وارا ميزائل هلائڻ لاءِ استعمال ڪندو آهي.
پرڏيهي ميڊيا جو چوڻ آهي ته بيليا ايئر بيس انهن روسي فضائي اڏن مان آهي، جتي ڊگهي فاصلي تائين مار ڪندڙ تيز رفتار بمبار جهاز Tu-22M مقرر آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.