ڀارتي جهاز ڪِرڻ جو اعتراف، اڳوڻي فوجي آفيسر جو ڀارتي چيف آف ڊفينس اسٽاف کان استعيفيٰ جو مطالبو

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي فوج جي اڳواڻي آفيسر ۽ دفاعي تجزئي نگار پراوين ساهني ڀارتي چيفس آف ڊفينس اسٽاف کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.
پنهنجي بيان ۾ پراوين ساهني چيو ته جنرل انيل چوهاڻ جو اهو اعتراف ته ڀارتي فضائيا جا جهاز ٻن ڏينهن تائين گرائونڊ رهيا سندس استعيفيٰ لاءِ ڪافي آهن، ڀارتي فضائيا جا جهاز ڪيرائڻ جي تصديق کانپوءِ مودي سرڪار کي نئون چيف آف ڊفينس اسٽاف ۽ ايئر چيف مقرر ڪرڻ گهرجي.
هن چيو ته انيل چوهاڻ وار فيئر کي سمجهڻ جي اهليت نٿو رکي، پاڪ فضائيا جنگ جي شروعات ۾ ئي سرسي حاصل ڪري ورتي هئي، جنهن نتيجو مقرر ڪري ڇڏيو هو.
سندس چوڻ هو ته جڏهن کان مودي اقتدار ۾ آيو آهي ڀارتي فضائيا پوئتي وڃي رهي آهي، ڀارت کي اهڙي سرڪار جي ضرورت آهي جيڪا جديد جنگين کي سمجهندي هجي، اهڙن اعترافن کانپوءِ به آپريشن سندور جي ڪاميابي جي دعويٰ ڪرڻ عجيب آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.