حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد ويجهو ھٽڙي ٿاڻي جي حد قومي شاهراهه تي خانگي اسپتال لڳ تيز رفتار مسافر ڪوچ رڪشا مٿان چڙھي وئي، جنھن جي نتيجي ۾ رڪشا ۾ سوار 40 ورهين جو رياض محمد حاجاڻو، 30 ورهين جي عاصمه زال پپو ۽ 40 ورهين جي سدوري زال وزير حاجاڻو فوت ٿي وئي، جڏهن ته زھريٰ زال شبير، بختاور زال شڪيل، بيبي زال الھوڌايو، حميده زال گلزار، جيوڻي زال حاجي، دلشاد زال جمعو ۽ سمعيا زخمي ٿي پيا، واقعي بعد زخمين ۽ فوتين جي لاشن کي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو، ٻئي طرف حادثي واري ھنڌ ماڻھن جو وڏو ھجوم گڏ ٿي ويو. جنھن ڪوچ کي نقصان پھچائڻ ۽ باھه ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي، ان دوران سول ڪپڙن ۾ پھتل ايس ايڇ او ھٽڙي فاروق راھپوٽو ۽ اهلڪارن ماڻھن کي روڪيندي کين پري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنھن تي مڇريل ماڻهن کين تشدد جو نشانو بڻايو، بعد ۾ وڌيڪ نفري پھچي وئي جنھن ماڻھن جي ھجوم کي ڇڙوڇڙ ڪيو، پوليس ترجمان موجب حادثي وقت ڊرائيور فرار ٿي ويو ھو، جڏھن ته ڪوچ کي تحويل ۾ ورتو ويو آهي، ٻئي طرف ٻڌايو پئي ويو ته حادثي جو شڪار ٿيل خاندان حاجاڻا برداري جو تعلق ڇلگري واري علائقي جا رھواسي ھئا.