خيرپور ۾ جج به غيرمحفوظ، فائرنگ ۾ هڪ پوليس اهلڪار شهيد، 2 زخمي

خيرپور(رپورٽ: مختيار ڦلپوٽو)خيرپور پوليس ضلعي ۾ امن امان بحال ڪرائڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي وئي شھرين مسافرن ۽ عام ماڻھن کانپوءِ عدالتن جج به محفوظ نه رھيا گذريل رات دير سان ٽنڊومستي  لاڙڪاڻو باءِ پاس تي سيشن جج لاڙڪاڻو تي حملو ھڪ گارڊ شھيد ۽ ٻه پوليس اهلڪار سخت زخمي، سيشن جج لاڙڪاڻو معجزاڻي طور بچي ويو، لاڙڪاڻو خيرپور پوليس جو علائقي ۾ آپريشن جاري 15 کان وڌيڪ شڪي ماڻهون گرفتار، ان سلسلي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته گذريل ڪجھه عرصي کان وٺي خيرپور ضلعي ۾ بدامنيءَ ڌاڙا ڦرون، صحافين جا قتلن سميت ٻيا واقعي روز جو معمول بڻجي ويا آھن پر ھاڻي خيرپور توڙي لاڙڪاڻي ۾ عدالتن جج به محفوظ نه رھيا آھن گذريل رات دير سان لاڙڪاڻي جو ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج سکر هاءِ ڪورٽ ۾ تقريب تان واپس ٿي لاڙڪاڻي وڃي رھيو ھيو ته رات دير سان لاڙڪاڻو خيرپور قومي شاهراهه تي ٽنڊومستي ڀرسان بھارو ٿاڻي جي حد ۾ نامعلوم ھٿياربندن سيشن جج لاڙڪاڻو سمڪان مغل جيڪو دھشتگردي جي انت واري عدالت لاڙڪاڻي جو انچارج جج به آھي اھو جڏھن ٽنڊومستي ٿاڻي جي حد پڪي کوھي وٽ پھتو ته ڌاڙيلن سيشن جج لاڙڪاڻو سمڪان مغل کي روڪڻ جو اشارو ڪيو ۽ گاڏي نه روڪڻ تي ھٿياربندن گاڏين تي انڌا ڌنڌ فائرنگ شروع ڪري ڏني جنھن ۾ ھڪ جج جي اسڪواڊ جو پوليس اھلڪار مقبول شيخ شھيد ٿي ويو ۽ ٻه پوليس اھلڪار صغير احمد ۽ اقبال ملاڻو سخت زخمي ٿي پيا، جنھن کان پوءِ سيشن جج ايس ايس پي خيرپور ۽ لاڙڪاڻو کي اطلاع ڏنو جنھن بعد پوليس جا وڏا اٽالا واقعي واري هنڌ پهچي ويا زخمين ۽ لاش کي اسپتال پهچايو ويو جڏھن ته ڊي آءِ جي سکر فيصل عبدالله چاچڙ پڻ واقعي واري هنڌ پهچي ويو ۽ ڏوھارين جا پيرا پيراٺن جي مدد سان کنيا ويا جيڪي خيرپور ۽ لاڙڪاڻي جي ڪچي طرف روانا ٿي ويا جڏھن ته ڊي آءِ جي سکر، ايس ايس پي خيرپور ۽ لاڙڪاڻي جي اڳواڻي ۾ ڌاڙيلن خلاف آپريشن جاري آهي، آپريشن دوران 15 شڪي ماڻھو ڪيا ويا آھن، جن کي نامعلوم ھنڌ تي منتقل ڪري ڇڏيو آھي جن کان پڇا ڳاڇا پڻ جاري آھي جڏھن ته آخري اطلاعن تائين واقعي اصلي جوابدار گرفتار نه ٿي سگهيا آھن.

  • هڪ ڏوهاري مارجڻ ۽ 2 جي زخمي ٿيڻ جا اطلاع

خيرپور: اھو به ٻڌايو پيو وڃي ته جج جي اسڪواڊ مٿان حملو ڪرڻ وارو ھڪ ڏوھاري پڻ  جوابي فائرنگ ۾ مارجي ويو آهي ۽ ٻن ڏوھارين جي زخمي ٿيڻ جا اطلاع مليا آهن.

  • ڏوهارين خلاف آپريشن، 15 شڪي ماڻھو گرفتار

خيرپور: ڊي آءِ جي سکر فيصل عبدالله چاچڙ واقعي واري هنڌ پهچي ويو ۽ ڏوھارين جا پيرا کنيا ويا جيڪي خيرپور ۽ لاڙڪاڻي جي  ڪچي طرف روانا ٿي ويا جڏھن ته ڊي آءِ جي سکر، ايس ايس پي خيرپور ۽ لاڙڪاڻي جي اڳواڻي ۾ ڌاڙيلن خلاف آپريشن جاري آهي، آپريشن دوران 15 شڪي ماڻھو ڪيا ويا آھن، جن کي نامعلوم ھنڌ تي منتقل ڪري ڇڏيو آھي جن کان پڇا ڳاڇا پڻ جاري آھي جڏھن ته آخري اطلاعن تائين واقعي اصلي جوابدار گرفتار نه ٿي سگهيا آھن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.